بلوچستان: سامونڊي فوج جي ايئر بيس تي حملي جي ڪوشش ناڪام، چار دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي شهر تربت ويجهو نيول ايئر بيس تي گذريل رات دهشتگرد حملي کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو.
حملي ۾ هڪ سپاهي شهيد ٿي ويو جڏهن ته 4 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پي اين ايس صديق ايئربيس تربت تي دهشتگردن جو حملي جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو، 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هڪ جوان شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اثاثن جي حفاظت يقيني بڻائيندي سيڪيورٽي فورسز وقت سر اثرائتو جواب ڏئي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائي.
آءِ ايس پي آر موجب گڏيل ڪليئرنس آپريشن ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ايف سي بلوچستان جو سپاهي نعمان فريد شهادت ماڻي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف تربت نيول ايئربيس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي سان دهشتگرد جهنم ڀيڙا ٿيا ۽ اسان نقصان کان بچي وياسين.
وزيراعظم ميڊيا آفيس جي بيان موجب وزيراعظم چيو ته اسان دهشتگردي کي چٿڻ لاءِ پرعزم آهيون، قوم بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي ۽ کين سلام پيش ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.