سنڌ خلاف وڏي سازش پئي ٿئي، اغوائن ۾ وڏيرا، پوليس ۽ رياستي ادارا ملوث آهن:گهوٽڪي ۾ اي پي سي

گهوٽڪي(رپورٽ اقبال آزاد مهر/عرفان علي سومرو)گهوٽڪي ۾ بندامني جي عنوان هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس منعنقد ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.خبرموجب عوامي ورڪرز پارٽي گهوٽڪي طرفان پريس ڪلب ۾ آل  پارٽيز ڪانفرنس ٿي منعنقد ڪئي وئي جنهن ۾ عوامي ورڪرز پارٽي،سنڌ ترقي پسند پارٽي،جيئي سنڌ قومي محاذ(بشير خان) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن، گهوٽڪي ڀوٿ فورم،گسٽا، سبزي منڊي ايسوسيئيشن سميت ٻين پارٽين ۽ فورمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڪانفرنس ۾ شامل سياسي سماجي ۽ ادبي تنظيمن، وڪيلن، ساڃهه وندن سموري سنڌ ۽ خاص طور تي گهوٽڪي،ڪشمور،سکر، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال، لاقانونيت، اغوا، ڦرن، ڌاڙن ۽ ڏوهن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي سنڌ جي خلاف گهري سازش قرار ڏنو..عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي نائب صدر ڪامريڊ بادل ملڪ، ضلعي صدر نيڪ جسڪاڻي ۽ جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ سجاد سومري ڳالهائيندي چيو ته هن وقت سماج جو ڪو به شخص محفوظ ناهي، بدامني عروج تي پهچي چڪي آهي، پوليس ۽ رياستي ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن، غريب ماڻهن جي اغوا ۾ وڏيرا، ڀوتار، پوليس ۽ رياستي ادارا هڪ جيترا ملوث آهن، رياستي اهلڪارن کانسواءِ ڌاڙيلن وٽ جديد ترين ۽ موتمار هٿيار ڪيئن پهچن. اڳواڻن چيو ته اسان کي عام پورهيت، هاري ناري ۽ پنهنجي ماڻهن جي بقا جي جنگ وڙهڻي آهي، قبيلائي جهيڙن اسانجي معيشيت، زراعت ۽ ڪاروبار کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، سردار ۽ ڀوتار انهن جهيڙن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن، هنن چيو تہ رينجرز کي 1989 کان وٺي اختيار ڏنا ويا آهن ته جيئن سنڌ جي امن کي وڌيڪ تباهي جي ڪناري تي پھچائي سگهجي.ايڊووڪيٽ لال بخش گهوٽي چيو ته بدامني ۽ لاقانونيت صرف سنڌ جي هڪ ٻن ضلعن جو مسئلو ناهي پر سموري سنڌ جي خلاف رياستي سازش شروع ڪئي وئي آهي، سنڌ جي استادن استاد هدايت لوهار، ظفر لاکي، الهرکيو نندواڻي ۽ ٻين کي شهيد ڪيو ويو آهي، انهن جي خلاف احتجاج ڪندڙ نياڻين تي تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ سنڌ جي باشعور ماڻهن جي رستا روڪ ڪري انتها پرستي کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهڙي صورتحال ۾ اسانکي پرامن احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، باشعور ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ بيهڻو پوندو.سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آڊيٽر ايازلطيف دايو ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي بعد گهوٽڪي ضلعو سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيئي رهيو آهي، پر سازش تحت ضلعي کي تباهه ڪيو ويو آهي، جيئن ڪوئي ماڻهو انهن صنعتي ادارن جي خلاف جدوجهد نه ڪري سگهي، سنڌ جا اديب، شاعر ۽ دانشور پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سڀني باشعور ماڻهن سان گڏ آهن، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ خالد ڪلادي چيو ته سنڌ ۾ بربريت ۽ دهشت جو راڄ آهي، سنڌ جي خلاف سڀني ساڃهہ وندن کي عملي جاکوڙ ڪرڻي پوندي، سائينداد چاچڙ ڳالهائيندي چيو ته هڪ سازش سان سنڌ جي ٻيلن کي تباهه ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪچي جي سرسبز زمينن تي قبضا ٿي سگهن،گهوٽڪي يوٿ فورم جي اڳواڻ فدا ملڪ چيو ته لاقانونيت جي انتها آهي جو فضيلا سرڪي 16 ورهين کان ۽ پريا ڪماري ٽن ورهين کان وٺي گم آهن، رياست کي ڪو فڪر ئي ناهي، جسقم جي اڳواڻن محبوب گهوٽو، رشيد سنڌي، امتياز مهر ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان جي قوم هن وقت محڪوم ۽ رياست جي بدترين دهشتگردي جو شڪار آهي ان خلاف سياسي جدوجهد سواءِ ڇوٽڪارو ملڻ مشڪل آهي، سگا گهوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري رئوف پارس دايي ڳالهائيندي چيو ته اسان کي پنهنجي سماجي المين جي خلاف هڪ ڊگهي جنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيستائين سماج جا سڀ ساڃاهه وند گڏ نه ٿيندا، جاکوڙ اڌوري هوندي، سنڌي ادبي سنگت ضلعي گهوٽڪي جي رابطا سيڪريٽري سڪندر اوڳاهي چيو ته اسان هر موڙ تي پنهنجي جاکوڙي قافلي سان گڏ آهيون، مطالبو ڪيو ويو ته استاد هدايت لوهار، ظفر لاکو، الهرکيو نندواڻي ۽ ٻين جا قاتل فوري طور تي گرفتار ڪيا وڃن، ٻه سال اڳ سنگرار مان اغوا ڪيل معصوم نياڻي پريا ڪماري سميت سنڌ جي سڀني اغوا ٿيل ماڻهن کي فوري طور تي بازياب ڪرائي سنڌ جو امان امان بحال ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.