قمبر ۾ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڏيئا ٻاري احتجاج

قمبر (رپورٽ:قمبر شيخ) قمبر ۾ معصوم نياڻي سنڌ ڄائي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ معصوم ٻارڙن پريس ڪلب آڏو ڏيئا ٻاري انوکو احتجاج  ڪيو ان موقعي تي شاهجهان ڪلهوڙو،جي ايم وڳڻ،شفيق احمد،زاهد خان، سڪندر صنم جهنڊيل، نثار ٻرڙو،ميمونه قادري ۽ بيبي باگڙي چيو ته سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري گذريل اڍائي سالن کان بااثرن جي قيد ۾ بند آهي پر افسوس آهي جو اسان جا چونڊيل نمائندا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن پريا ڪماري جي ماءُ سنڌ واسين کي روئي رڙيون ڪري لڳاتار دانهيو پر ڪنھن کي به رحم نه ٿو اچي آخر ان معصوم نياڻي پريا ڪماري جو ڪهڙو ڏوھ آهي جو کيس آزاد نه ٿو ڪيو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.