شڪارپور(ڊ ر)شڪارپور ۾ وڌندڙ بدامني،ھٿياربندن ھٿان قتل ڪيل رافع سميجو جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سنڌ جي زمينن جي وڪرو ڪرڻ خلاف جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي ميراڻي پارڪ کان گھنٽاگھر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو،احتجاج ڪندڙن اسدالله سومرو،عمران منگي،ھمير چانڊيو،اصغر سيٺار،عبدالجبارميراڻي ۽ ٻين چيو ته شڪارپور سميت سڄي سنڌ بدامني جي باهه ۾ ڀڙڪي رهي آهي ماڻهن جي جان ۽ مال محفوظ ناهي روڊن ۽ رستن تي ڌاڙيلن جو راڄ آهي هرطرف بدامني جو راڪاس گھمي رھيو آھي، ھنن چيو ته معصوم ٻارڙو مھربان علي ڀٽي سميت شڪارپور مان 11 ڄڻا اغوا آھن پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي