لکي غلام شاهه(رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاهه ۾ 16 ورهين جي نوجوان سان ٽن ڄڻن پاران مبينا بد فعلي ڪري وڊيو ڀرڻ ڪرڻ جو انڪشاف، وڊيو ڀري ڌمڪيون ڏيئي بليڪ ميل ڪري پئسا ۽ موبائل سيٺ وٺڻ جي لکي ٿاڻي تي 5 ڄڻن خلاف اين سي داخل، ٽي ڄڻا گرفتار، لکي غلام شاهه شهر ۾ نوجوان سان مبينا بدفعلي ڪئي وئي، 5 ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي، لکي غلام شاهه پوليس ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، لکي غلام شاهه شهر واسي نوجوان 16 ورهين جي حمزه علي ولد محمد اسلم ميمڻ سان جوابدارن توقير ميمڻ آصف علي ميمڻ محسن علي ميمڻ سميت 5 ڄڻن گڏجي ڪري 16 ورهين جي حمزه علي ولد محمد اسلم ميمڻ سان مبينا بدفعلي ڪري وڊيو ڀري کيس بليڪ ميل ڪري موبائل سيٺ ۽ پئسا وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي نوجوان جي والد محمد اسلم ميمڻ جي فرياد تي اين سي داخل ڪري لکي غلام شاهه پوليس ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ان سلسلي ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان سان بدفعلي ڪري وڊيو ڀري وائرل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي هڪ لک کان وڌيڪ رقم جون ٻه موبائيل فون پڻ وٺي ويا آهن، بدفعلي جو شڪار بڻيل نوجوان جي پيءُ محمد اسلم ميمڻ ۽ ٻين وارثن جو چوڻ آهي ته هنن سان ظلم ڪيو ويو آهي ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون مان اميد آهي ته انصاف ڏياريندو اسان علائقي جي اميرن اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش خان مھر کي پڻ شڪايت ڪئي آهي هاڻي قانوني ڪارروائي ڪنداسين هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي لکي غلام شاهه ٿاڻي جي هيڊ محرر صلاح الدين مهر پاران واقعي جي تصديق ڪندي چيو ويو ته نينگر جي وارثن مطابق اين سي داخل ڪئي وئي آهي بدفعلي جو شڪار ٿيل نينگر جا جزا وٺي اماڻيا ويا آهن جنهن بعد ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي خبر موڪلڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ٻئي طرف گرفتاري کان اڳ نينگر جي وارثن جوابدار توقير ميمڻ جي گهر تي حملو ڪري توقير ميمڻ مٿان تشدد ڪري نند ڀڃي وڌا آهن جڏهن ته وارثن پاران راڄوڻي ڪوشش ڪيون پيون وڃن.