رستم جي ڪچي ۾ موبائل فون رکڻ تان پيءُ هٿان ڌيءُ قتل، لاش بنا ڪفن دفنائڻ جو انڪشاف

لکي غلام شاھ (ن  ع آ) رستم جي ڪچي ۾ موبائل فون رکڻ تان ڪارنهن جو الزام مڙهي پيءُ هٿان ڌيءُ کي قتل ڪري لاش بنا ڪفن جي دفن ڪرڻ جو  انڪشاف، رستم ٿاڻي جي ڳوٺ فضلي جتوئي ۾ جوابدار پيءُ عطا محمد دوساڻي جتوئي ساٿين جي مدد سان پنهنجي نوجوان ڌيءَ زينب خاتون کي موبائل فون رکڻ تان احسان ڪمالاڻي سان ڪارنهن جو الزام مڙهي قتل ڪري ڇڏيو ۽ قتل ڪيل ناري جو لاش بنا ڪفن جي ڳجھه ڳوهه ۾ دفن ڪري ڇڏيو، رستم پوليس اطلاع بعد واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، ان سلسلي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ناري وٽ مبينا طور موبائيل فون هٿ اچڻ تي موبائيل فون مان احسان ڪمالاڻي جتوئي جو نمبر هٿ اچڻ تي ناري کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري لاش گم ڪيو ويو، واقعي بعد الزام هيٺ آيل نوجوان ڳوٺ مان فرار ٿي ويو، هوڏانهن رستم پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع مليو آهي جاچ ڪري قتل ٿيل ناري جو لاش هٿ ڪيو ويندو ان بعد سرڪار جي مديعت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو ٻئي طرف معلوم ٿيو ته پوليس سان مامرو ٿئي ٿيڻ بعد ناري کي قتل ڪري لاش گم ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.