بلوچستان جي وڏي وزير پاران ناراض بلوچن کي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ

ڪوئيٽا( م ڊ)  فوجي اسٽيبلشمينٽ تيار آهي، بلوچستان  جي وڏي وزير پاران ناراض بلوچن کي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي هڪ ڀيرو ٻيهر سمورن ناراض بلوچن کي هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته فوجي اسٽيبلشمينٽ به چاهي ٿي ته ناراض بلوچن ۽ جن هٿيار ڦٽا ڪيا آهن انهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ هٿيار ڦٽو ڪندڙ ۽ تشدد کان رستا ڌار ڪرڻ وارن سان ڳالهين لاءِ رياست دروازا کولي ڇڏيا آهن.بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ واحد شرط هٿيار رکڻ آهي.هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ۾ دهشتگردي جي وصف ۾ مذهب جي نالي تي تشدد ڪرڻ وارن کي دهشتگرد قرار ڏنو ويو آهي ۽ ٻين کي ناراض بلوچن جو نالو ڏنو ويو آهي، اهو نالو سمورين پارٽين گڏيل طور تي ڏنو آهي،  سرفراز بگٽي ان کان پوئتي هٽي نٿو سگهي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته انهن ناراض بلوچن کي هڪ موقعو ڏيون ته اچن ۽ قومي ڌارا ۾ شامل ٿين، پرامن بلوچستان جي پاليسي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي دور ۾ ٺاهي وئي هئي ، جنهن ۾ تمام گهڻن ماڻهن سرينڊر ڪيو هو ۽ پوءِ رياست انهن جو خيال ڪيو ۽ هاڻ ئي سرفراز بنگلزئي به پنهنجو پاڻ کي سرينڊر ڪيو آهي، بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته اهڙي طرح جيڪڏهن ناراض بلوچن جي مرڪزي قيادت يا ٻي سطح جي قيادت واپس اچڻ چاهي ٿي ۽ هٿيار ڦٽا ڪري ٿي ته پوءِ ان کان وڌيڪ سهڻي ڪهڙي ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.