بدامني تي سنڌ حڪومت ڪو به تحرڪ نه پئي وٺي: لعل شاهه

حيدرآباد/نوشهروفيروز (پ ر)عوامي جھموري پارٽي ضلع نوشهروفيروز پاران ضلعي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنھن ۾ مھمان خاص مرڪزي صدر سيد لعل شاھ شرڪت ڪئي ڪانفرنس ۾ ضلعي باڊي جي چونڊ  ڪئي وئي جنھن ۾ صدر امير راڄپر جنرل سيڪريٽري ذوالفقار راڄپر پريس سيڪريٽري اقبال ڏھراچ چونڊيا ويا سيد لعل شاھ چيو ت سامراجي پاليسيون عوام جو رت چوسي رھيون آھن،اليڪشن ۾ فارم 47 تي من پسند ۽ اسٽيبلشمينٽ جي حامي جماعتن کي کٽرايو ويو هن وڌيڪ چيو ته امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي خاص ڪري سنڌ ۾ روز قتلام ٿئي پيو ماڻهو اغوا ٿين پيا پر سنڌ حڪومت ڪو به تحرڪ نه پئي وٺي  ڪانفرس ۾ نورنبي راھوجو، ماحنور شيخ، محمد علي عباسي، بلاول سولنگي، صدام سومرو، زين مھر، سجاد راڄپر سميت ٻين ساٿين شرڪت ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.