ڪشمورڪنڌڪوٽ ڌاڙيلن جا محفوظ آمجگاهه بڻيل،پوليس بيوس بڻيل

ڪراچي(م ڊ )  سنڌ پوليس ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ  پوليس جي نااهلي سبب ڪشمور ڪنڌڪوٽ ڌاڙيلن جا محفوظ آمجگاهه بڻجي ويا آهن، هن ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ گبول، دراني ميهڙ، ڪاڇي ڪيٽي، مياڻي، حاجي خان شر، ڳڙهي ٽئگهو، ناپر ڪوٽ، ڊيرا سرڪي سميت ڪيترن ئي ننڍن وڏن علائقن جا ماڻهو ڏوهاري بڻجي ويا آهن ، ڌاڙيلن ماڻهن کي ڦرڻ جا نوان طريقا ايجاد ڪيا آهن. رمضان المبارڪ جي مهيني جي پهرين ڏهاڪي ۾ ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، تنگواڻي ، شڪارپور کان ڪيترن ئي ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو آهي، پوليس جي نااهلي سبب ڌاڙيل ٽن ضلعن ڪشمور، شڪارپور ۽ گهوٽڪي ۾ سرعام ماڻهن کي اغوا ۽ ڦرون ڪندي نظر اچي رهيا آهن. ماڻهو وڌندڙ مهانگائي سان گڏوگڏ بدامني سبب به سخت پريشان آهن، پوليس جي ناڪام ٿيڻ بعد هر ماڻهو پنهنجي حفاظت لاءِ پاڻ هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ وڌندڙ بدامني سبب اسڪول ويندڙ استاد الله رکيو نندواڻي پنهنجي حفاظت لاءِ بندوق کڻي هڪ وڊيو بيان جاري ڪئي، ان وڊيو بيان جي هڪ هفتي بعد هٿياربندن ٽارگيٽ ڪري قتل ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا. ڄاڻايل ضلعن ۾ هلندڙ مهيني دوران اغوائن ، قتل ۽ ڦورن جا ڪيترائي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، 20 ماڻهن کي ڪجهه ئي ڏينهن اندر عورتاڻي آواز سميت ٻين حربن سان گهرائي اغوا ڪيو ويو آهي، جن جي وارثن کان مختلف وقتن تي ڀنگ به طلب ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.