هولي جو ڏڻ: عمرڪوٽ ۾ مذهبي هم آهنگي جو اعليٰ مثال

ڪراچي(م ڊ)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برادري کي منهنجي طرفان هولي جون لک  لک واڌايون، اچو ته ثقافتي ۽ مذهبي اختلافن کان بالاتر ٿي ڀائيچاري ۽ دوستيءَ جو جذبو اختيار ڪريون. اميد آهي ته هي ڏڻ سڀني لاءِ خوشي، امن ۽ خوشحالي جو وسيلو ثابت ٿيندو،هن چيو ته رنگن جو تهوار هولي برائي تي سٺائي جي فتح جي علامت آهي،  ٻئي پاسي عمرڪوٽ ۾ مذهبي هم آهنگي جو اعليٰ مثال قائم ڪيو ويو، تعليم وارو صوبائي وزير سيد سردار شاهه هندو برادري سان هولي جي رنگن ۾ رنگجي ويو، صوبائي وزير راما پير چوڪ تي منعقد هولي جي تقريب ۾ روايتي ڊانڊيابه کيڏيو، ان موقعي تي نامزد سينيٽر پونجو مل ڀيل، سيد سرفراز شاهه ۽ بيا اڳواڻ به موجود هئا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.