عمران آمريڪا جو دوست،آزادي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي: آمريڪي ڪانگريس ميمبر

واشنگٽن ( م ڊ ) عمران خان آمريڪا جو دوست آهي، آمريڪا کي سندس آزاديءَ لاءِ معاشي طاقت استعمال ڪرڻ گهرجي، آمريڪي ڪانگريس  ميمبر ٽم بروشي جو چوڻ آهي ته عمران خان آمريڪا جو دوست آهي، کيس آزاد ڪرڻ لاءِ آمريڪا کي پنهنجي معاشي طاقت استعمال ڪرڻ گهرجي. ٽم بروشي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته ”ڊيموڪريٽ بريڊ شرمن پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي کي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بابت سوال ڪيو، جيڪو آمريڪا جو دوست هو ۽ کيس جيل ۾ وڌو ويو هو. پاڪستاني فوج هن کي جيل ۾ رکي ڇڏيو. هن پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي ٻڌڻي کانپوءِ رڪارڊ ڪيل هڪ وڊيو ۾ چيوآهي ته اسان اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ۽ مون کي پڪ آهي ته اسان جو اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ هڪ مضبوط خط لکندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.