ڀارت سان واپار بند رکڻ پاڪستان  جي بيوقوفي آھي: نجم سيٺي

اسلام آباد (م ڊ ) ڀارت سان واپار بند ڪرڻ پاڪستان جي مفاد ۾ نه آھي۔ سرحدي ۽ دفاعي معاملن جي ڪري واپار بند ڪرڻ وڏي ناداني آھي, اهڙو اظهار نجم سيٺي نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڪيو۔ هن چيو ته واپار ڪرڻ سان اعتماد وڌنڌو آھي۔ ماڻهڻ جا هڪ ٻئي سان تعلقات به بهتر ٿيندا آھي۔ سڀ کان اهم ڳاله ته معشيت ۾ بهتري ايندي آھي۔ عوام کي مالي فائيدو ٿيندو آھي۔  مزي جي ڳاله ته پاڪستان ته ڏهاڪن کان ڀارت سان واپار ڪندو رهيو آھي۔ صرف جنگ واري عرصي ۾ پاڪستان ڀارت سان تجارت بند ڪئي ھئي۔ پر هن وقت ڇو بند ڪئي وئي آھي؟  تنهنڪري هاڻي به پاڪستان کي ڀارت سان واپار شروع ڪرڻ گهرجي۔ چين ۽ ڀارت جو به هڪ ٻئي سان سرحدي تنازعو هلندڙ آھي۔ تڏهن به انهن ملڪن واپار جا دروازا بند نه ڪيا آھن۔ نجم سيٺي چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به سرصدي مسئلن جي ڪري واپار بند نه ڪيا ويندا آھن۔ پاڪستان کي به گهرجي ته ڀارت سان واپار شروع ڪري۔ ان سان ڀارت کي گهٽ پاڪستان کي وڌيڪ فائدو ٿيندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.