اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڳالھيون جاري آھن.اھڙو اشارو ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال ھڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ ڏنو. تجزئي ڪار جاويد چوڌري موجب پ پ پ بجيٽ اجلاس بعد حڪومت ۾ شام ٿي رھي آھي. پيپلزپارٽي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ جيڪي وزارتون طلب ڪيون آھن، انھن ۾ پرڏيھي وزارت به شامل آھي. ھن کان اڳ به پي ڊي ايم حڪومت ۾ پ پ پ اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري ان عھدي تي رھيو آھي. اھڙي صورت ۾ ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار کي ھو ڀيرو ٻيھر پرڏيھي وزارت کان محروم ٿيڻو پوندو.جنھن بعد شايد ڪا اھڙي وزارت نه ھجي جيڪا اسحاق ڊار سنڀالي، خدشو آھي ته ھو ڪاوڙجي نوازشريف سان لنڊن ۾ وڃي ويھي رھي.