ڪنڌڪوٽ ۾ پرائمري استاد جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار: رينجرز ترجمان

ڪراچي (م ڊ) رينجرز ترجمان چيو آهي ته ڪنڌڪوٽ ۾ پرائمري استاد الله رکيو نندواڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار استاد الله رکيو جي قتل ۽ سهولتڪاري ۾ ملوث آهن، جوابدارن کي تنگواڻي جي ڳوٺ صيفل مان گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪچي جي ڏوهارين پرائمري اسڪول جي استاد الله رکيو نندواڻي کي قتل ڪيو هو، الله رکيو نندواڻي ڪچي جي ڏوهارين جي خطري باوجود ٻارن کي پڙهائڻ جي لاءِ اسڪول پهتو هو، هو ڳوٺ نصرالله بجاراڻي ۾ واقع اسڪول ۾ موٽرسائيڪل تي پنهنجي بندوق کڻي پهتو هو، استاد الله رکيو جي قتل کان ٻه يا ڏينهن اڳ بندوق کڻي اسڪول وڃڻ جي وڊيو به وائرل ٿي هئي، وڊيو بيان ۾ الله رکيو نندواڻي چيو هو ته ٻارن جي مستقبل جي لاءِ جان خطري ۾ وڌي آهي، اسڪول نه وينداسين ته ٻار ڪيئن پڙهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.