گهوٽڪي ضلعي ۾ بدامني خلاف ۽ استاد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڏھرڪي (رپورٽ: اجيت ڪمار) گھوٽڪي ضلعي ۽ ڏھرڪي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف نوجوان سجاڳ اتحاد ڏھرڪي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن طرفان پوليس، ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ نوجوان سجاڳ اتحاد ڏھرڪي جي اڳواڻن شاهه محمد ڀٽي، زبير احمد سميجو، غلام مرتضيٰ ڏھر وقار يونس ۽ ٻين چيو ته ضلعي گھوٽڪي جي تقريبن شھرن ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب ٿي چڪي آھي، ھڪ استاد حالتن کي ڏسندي ھٿيار کڻي پنھنجي ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ ويندو ھو پر ان کي به قتل ڪيو ويو، اسان جڏھن گھران نڪرون ٿا ته اسان کي اھو به يقين ناھي ته خيريت سان واپس به اينداسين يا نه، امن امان جي مسئلي تي انتظاميا جي رٽ ختم ٿي چڪي آھي، اسان کي ٻيو ڪجھ به نه کپي فقط اسان کي پنھنجي ۽ پنھنجي ٻچن مال رزق جي سلامتي کپي، ھنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي پوليس سکر ايس ايس پي گھوٽڪي کان پر زور گھر ڪئي ته اسان کي امن موٽائي ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.