ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بدامني جي باهه: هٿياربندن هٿان پورهيت اغوا

ڪنڌڪوث ( ڊ ر) غوثپور شھر ڀرسان ڳوٺ مير واحد بخش بجاراڻي جو رھواسي ٽيھن ورھين جو وئگن ڪنڊيڪٽر مجيد ٽانوري پٽ گل محمد ٽانوري کي اڻ ڄاتل ھٿياربند ڏوھارين ڳوٺ ڳڙھي لاڙو واري علائقي مان مبينا  اغوا ڪري ويا، ان سلسلي ۾ وارثن ھادي بخش ۽ ٻين ٻڌايو ته نوجوان صبح جو اٺ چارڻ لا۽ مڇي ٻنڍو ڀرسان ناپر ڪوٽ جي علائقي ڳڙھي ڀرسان ويو ته شام تائين واپس نه وريو، اسان ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڳولا ڪئي آهي هُن جو ڪٿي به پتو ناهي پئجي سگهيو، اسان کي شڪ آھي ته نوجوان کي اغوا کي ڪيو ويو آهي، وارثن حد جي پوليس کي اھڙو اطلاع به ڏنو آھي پر ھنن جو چوڻ آھي ته پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو، اسان سخت پريشان آھيون اسانجي ڪنھن سان به دشمني ناھي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان اغوا ٿيل مغوين جو انگ وڌي پنڌرھن ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.