يسريٰ ۽ آڪآش جي قتل جاچ بابت پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو

ڪراچي( ع آ نيوز) حيدرآباد ۾ جنوني هٿان قتل ڪيل شاگردياڻي يسريٰ بتول ۽ سندس ڀاءُ آغا آڪاش پٺاڻ جي قتل ڪيس ۾ پوليس ڪابه  اڳڀرائي نه ڪئي، مائٽ انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل 16 ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ جنوني شخص قانون جي شاگردياڻي يسريٰ بتول ۽ هن جي ڀاءُ آڪاش پٺاڻ تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ شاگردياڻي موقعي تي مارجي وئي هئي ۽ سندس ڀاءُ آڪآش شديد زخمي ٿي پيو هو جنهن واقعي جي 11هين ڏينهن ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏنو هو پر حيدرآباد پوليس واقعي جي حوالي سان ڪابه جاچ نه پئي ڪري شاگردياڻي جي مائٽن جو چوڻ آهي ته اسان جي نياڻي توڙي نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو واقعي جو ڪيس به داخل ٿيل آهي پر پوليس حقيقتن تائين پهچڻ لاءِ ڪوبه قدم نه پئي کڻي شاگردياڻي يسريٰ بتول جي والد آغا رياض پٺاڻ ۽ ٻين وڏي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته جاچ ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو ُوڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.