عالمي برادري جي ڦڏن جا هاڃا

عام ماڻهو  جڏهن پاڻ ۾ وڙهندا آهن ته ٻياوري وچ ۾ پئي کين ڇڏائيندا آهن، سمجهائيندا آهن ته وڙهڻ سٺو وڙ ناهي، محبت سان گڏ رهبو آهي، ڳالهين سان مسئلا حل ڪبا آهن. اسڪولي نصابن، مذهبن ۽ اخلاقيات ۾ به اهي ئي درس ڏنا ويندا آهن ته مهذب طريقي سان جيئڻ گهرجي، اهي ڪهڙا طريقا آهن جيڪي اختيار ڪرڻ سان ماڻهو مهذب ٿي سگهي ٿو سي پڻ ٻڌايا ويندا  آهن پر ڏٺو وڃي ته عام ماڻهو ته ٺهيو پر وڏن وڏن ملڪن جي سربراهن، حڪمرانن ۽ وزيرن ۾ به هاڻي مهذب پڻي وارو ڪردار نظر نٿو اچي.

عالمي برادري جو به ان ڏس ۾ ڪردار سواليه نشان بڻجي ويو آهي، ان جو مجموعي طور تي نقصان هن دنيا کي ۽ ڌرتي جي گولي تي رهندڙ خلق جو ٿئي ٿو. عالمي برادريءَ جو ڪردار اصولي طور تي ان ماڻهوءَ  يا انهن ماڻهن جهڙو هئڻ گهرجي جيڪي ڪن وڙهندڙ ماڻهن/ ڌرين کي وچ ۾ پئي ڇڏائيندا آهن پر حيرت آهي ته عالمي برادري اهڙو ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. انهيءَ جو وڏو سبب  اهو آهي ته خود عالمي برادري جا ذميوار ملڪ پاڻ ڦڏائي آهن، هڪڙن سامراجي ۽ سياسي مفادن جي ڪري ملڪن کي جنگين، جهيڙن فسادن ڏانهن ڌڪيو آهي.

عالمي سطح تي به ملڪن سان دشمنيون، جهيڙا، ۽ فساد هلي رهيا آهن جن کي ڏسندي ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون ته عام ماڻهن ۽ عالمي برادري جي ڪڌن ڪرتوتن ۾ ڪو فرق ناهي رهيو. عالمي برادري بجاءِ ان جي ته ٻن وڙهندڙ ملڪن ۾ سرچاءُ ڪرائي الٽو کين پاڻ ۾ ويڙهائيندي نظر ايندي آهي. ان جو هڪ مثال هتي پيش ڪجي ٿو. پاڪستان ڪافي وقت کان ايران کان گيس وٺڻ چاهي ٿو ۽ گيس پائيپ لائين جي منصوبي تي ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهيون به ٿي چڪيون آهن پر اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته ان ۾ هڪڙو ملڪ ئي رنڊڪ آهي ۽ اهو آهي آمريڪا.

آمريڪا پنهنجي دشمني ۾ پاڪستان کي به ايران سان ٺهڻ نٿو ڏي. آمريڪا چاهي ٿو ته ايران کي اڪيلو ڪري ڇڏي.ان لاءِ جيڪي ملڪ سندس غلامي هيٺ آهن سي ان جي چوڻ تي ايران سان ڦٽايو ويٺا آهن البته چين ۽ ڀارت ان جي چوڻ ۾ ناهي تنهن ڪري انهن ملڪ جا ايران سان سٺا لاڳاپا آهن. ايران تي آمريڪا جو الزام آهي  ته ان پاڻ کي ايٽمي طاقت ڇو بڻايو آهي. ان ڪري ان مٿان معاشي پابنديون به وڌل آهن. بجاءِ انجي ته آمريڪا جيڪو دنيا جو سپر پاور  ملڪ آهي سو سڀني ملڪن سان دوستي ۽ خير خواهي وارو تعلق رکي الٽو  ملڪن ۾ دشمنيون ڪرائي جنگين جو ماحول ٺاهيو ويٺو آهي.

سو جيڪڏهن عالمي برادري جو ”وڏو “ ئي ويڙهاڪ هوندو ته پوءِ اهو ننڍن ملڪن کي ڪيئن دشمنين ۽ جنگين کان جهلي سگهندو. هن وقت اسرائيل جي فلسطين ۾ هلندڙ جنگ ختم ٿيڻ جو نالو نٿي وٺي ڇو ته ان معاملي ۾ به آمريڪا جو هٿ آهي جيڪو اسرائيل جي پٺڀرائي ڪندو رهيو آهي. وچ اوڀر جي ٻين ملڪن ۾ به آمريڪا جو ڪردار  جنگيون ڇيڙڻ وارو رهيو آهي. اڄ ڪلهه پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد تي وري ڇڪتاڻ شروع ٿي آهي ته ان جي روڪٿام بجاءِ آمريڪا جو ويتر ويڙهائڻ وارو ڪردار رهيو آهي.

جيئن مٿي لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن  پاڪستان ۽ ايران پاڻ ۾ گيس پائيپ  لائين جو معاهدو ڪرڻ تي راضي آهي ته آمريڪا ڇو ٿو سندن رستا روڪ ڪري. آمريڪا جي ان رستا روڪ ڪري پاڪستان هاڻي ٻٽو ڦاٿل نظر اچي رهيو آهي. هڪ پاسي اهو آمريڪا کي ناراض ڪرڻ نٿو گهري ته ٻئي پاسي وري ايران کيس ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته جيڪڏهن ان پائيپ لائين معاهدي تي اڳڀرائي نه ڪئي ته ان خلاف عدالتي ڪارروائي ڪرائي ويندي يعني معاملو عدالت ۾ نيو ويندو. ان ڪري رپروٽون آهن ته پاڪستان اندروني طور تي آمريڪا کي مٿون ڪري رهيو آهي ته ايران جي مليل ڌمڪين جي روشني ۾ آمريڪا سندن ڪا مدد ڪري. ان ڏس ۾ سينئر صحافي ۽ تجزيي نگار نجم سيٺيءَ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان، آمريڪا کي هڪ گذارش ڪئي آهي ته اسان اوهان کي هڪ درخواست لکون ٿا ته اسان کي ايران کان گيس وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ اوهان ان درخواست تي ”انڪار“ جو جواب ڏيندئو ته اسان ايران کي پنهنجي بچاءُ ۾ ثبوت ڏئي سگهنداسين ته اسان ته معاهدو ڪرڻ چاهيون ٿا ته پر آمريڪا اجازت نٿو ڏئي.هاڻي اندازو لڳايو ته عالمي سطح تي ڪهڙي نوعيت جون اڳڀرايون ٿين ٿيون ۽ عالمي برداري جو معيار ڇا آهي. وڏن ملڪن جي انهن جنگين ۽ جهيڙن ڪري عوام کي سستي بجلي۽ گيس نٿي ملي نه ئي پيٽرول- مهانگائي ڏسو ته  چوٽ چڙهيل آهي. اهو سڀ وڏن ملڪن جي غلط پاليسين ۽ روين جو نتيجو آهي. اصولي طور تي آمريڪا کي عالمي سطح تي هڪ وڏي سربراهه طور مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ڏرتي جي مٿاڇري تي رهندڙ ملڪن کي امن ۽ دوستي سان رهڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي پر ان جو ڪردار ويڙهائڻ وارو وڌيڪ آهي.

آمريڪا کي ان ڳالهه ۾ اصولي طور تي ڪو اعتراض نه ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن پاڪستان جي عوام کي ايران پاران گيس ملي ٿي پر ان کان وڏي دشمني ڀلا ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته پاڪستان ۽ عوام کي سوئي گيس کان محروم رکجي. پر عالمي سطح تي ايئن ٿي رهيو آهي ۽ ايئن وڏن ملڪن جي غلط پاليسين وگهي دنيا اندر غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي ۽ ان کي روڪڻ لاءِ وچ ۾ پئي جيڪو مثبت ڪردار وڏن ملڪن ۽ عالمي برادري کي ڪرڻ گهرجي سو نظر نٿو اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.