بينڪون اوهان کان اهم ڳالهيون لڪائينديون آهن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڻهو عام طور تي ڊيبٽ ڪارڊ يا اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ ۾ فرق نه سمجهي سگهندا آهن.

ڪريڊٽ ڪارڊز ڪيئن ڪم ڪندا آهن، انهن جو فائدو ۽ نقصان ڪهڙو آهي؟ سوال اهو به آهي ته اوهان کي ڪريدٽ ڪارڊ جي واقعي ضرورت آهي يا نه؟

ان حقيقت کي نظرانداز نه ڪجو ته بينڪ انهن ڪريدٽ ڪارڊز مان پيسا ڪيئن ڪمائين ٿيون ۽ اوهان کان اهي ڳالهيون لڪائين ٿيون.

ڊيبٽ ڪارڊ يا اي ٽي ايم ڪارڊز بابت ته اوهان ٻڌو هوندو، ڊيبٽ ڪارڊ عام طور تي اوهان کي پنهنجو اڪائونٽ کولڻ بعد ڏنو ويندو آهي، اوهان جيڪڏهن ڊيبٽ ڪارڊ استعمال ڪندا آهيو ته اوهان کي رقم ڪڍرائڻ لاءِ بينڪ وڃڻ جي ضرورت ناهي پوندي پر گهر يا آفيس جي ويجهو موجود اي ٽي ايم مان اوهان نه رڳو رقم ڪڍرائي سگهندا آهيو پر آن لائن رقم ٽرانسفربه ڪري سگهندا آهيو.

ڪريڊٽ ڪارڊز به ظاهري طور تي اهو ئي ڪم ڪندا آهن پر انهن ٻنهي ۾ هڪ بنيادي فرق آهي، ڪريڊٽ ڪارڊ ۾ موجود رقم اوهان جي پنهنجي ناهي هوندي، ان کي اوهان هڪ قسم جو بينڪ لون يا قرض چئي سگهو ٿا.

ان جو مثال ائين آهي ته مهيني جي پڄاڻي ۾ اوهان جي اڪائونٽ ۾ پيسا نه آهن، اوهان کي ڪا ضروري خريداري ڪرڻي آهي ته ان وقت ڪريڊٽ ڪارڊ ئي اوهان جي ڪم اچي سگهي ٿو، جنهن کي استعمال ڪري اوهان ڪجهه به خريد ڪري سگهو ٿا ۽ بينڪ کي بعد ۾ بل جي صورت ۾ ادائيگي ڪري سگهو ٿا.

ڪريدٽ ڪارڊ ۾ بينڪ طرفان اوهان کي هڪ ماهوار حد ڏني ويندي آهي جنهن کي اوهان استعمال ڪري سگهوٿا ۽ هڪ مهيني جي وقت اوهان کي اها رقم بل جي صورت ۾ ادا ڪرڻي هوندي آهي.

اها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته ڪا به بينڪ ڪريڊٽ ڪارڊ سولائي سان جاري ناهي ڪندي.

اوهان کي ڪريڊٽ ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف دستاويز جمع ڪرائڻا پوندا آهن جيڪي اوهان جي مالي سگهه بابت هوندا آهن ۽ انهن موجب ئي اوهان کي ڪريڊٽ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو آهي.

انهن ۾ سلور، گولڊ، پلاٽينم، ڊائمنڊ وغيره شامل هوندا آهن. انهن جي ڪريڊٽ لمٽ ۽ فائدن جي حوالي سان شرطن ۽ ضابطن ۾ فرق هوندو آهي.

ڪارڊ جي فائدن کي بينيفٽس چيو ويندو آهي، بينيفٽس۾ اوهان کي ڪيش بيڪ ملي سگهي ٿي، مختلف برانڊز، ريسٽورينٽس، ايئرپورٽس ۽ شاپنگ سينٽرز تي خاص رعايت جي آڇ به ڪئي ويندي آهي.

اوهان جي ڪريدٽ جي حد لمٽ اهو طئي ڪري ٿي ته اوهان کي بينڪ ماهوار ڪيتري رقم ڏيندي جنهن کان هڪ رپيو به وڌيڪ خرچ نٿا ڪري سگهو. ان لاءِ اوهان جو ڪريڊٽ اسڪور ۽ آمدني ڏٺي ويندي آهي ته اوهان ڪيترو ڪمائيندا آهيو ۽ بينڪ سان مالي معاملن ۾ ڪيئن آهيو، ڏيتي ليتي ۾ دير ته نه ڪندا آهيو، جيڪڏهن سڀ ٺيڪ رهيو ته اوهان کي بينڪ طرفان سٺي رقم واري لمٽ جي آڇ ڪئي ويندي.

ڪريڊٽ ڪارڊ ايشو ڪرائڻ بعد اوهان کي هڪ طئي ٿيل امائونٽ فراهم ڪيو ويندو آهي جنهن جي ادائيگي اوهان آن لائن يا ڪارڊ ذريعي ڪري سگهو ٿا.

اهم ڳالهه اها آهي ته اهاهڪ ٽرڪ به آهي ته ڪريدٽ ڪارڊ جي درست استعمال سان اوهان ڪريدٽ جو سرڪل ڊگهي وقت تائين هلائي سگهو ٿا.

مثال طور اوهان جو بل جولاءِ جي 15هين تاريخ تي ٺهيو جنهن کي واپس ڪرڻ جي تاريخ 5 آگسٽ آهي، اوهان کي 5 آگسٽ تي سڀ پيسا ادا ڪرڻا آهن جيڪي اوهان گذريل مهيني ڪريڊٽ ڪارڊ مان خرچ ڪيا.

هاڻي اوهان کي پنهنجو ڪريڊٽ ڪارڊ هميشه بل ٺهڻ کانپوءِ استعمال ڪرڻو آهي، ان جو فائدو اهو ٿيندو ته مٿيون بل 15 آگسٽ تي ٺهندو جنهن جي ادائيگي اوهان کي 5 سيپٽمبر تي ڪرڻي پوندي، اهڙي ريت اوهان کي 45 کان 50 ڏينهن جو وقت ملي ويندو.

پر جيڪڏهن بل ادا ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته سڀ کان پهريان ليٽ پيمينٽ فيس چارج ڪئي ويندي ۽ خرچ ڪيل رقم تي وياج به لاڳو ڪيو ويندو.

بينڪ اوهان کي مينمم پيمنٽ جو آپشن به ڏيندي آهي جنهن سان اوهان ڪجهه رقم ادا ڪري ليٽ پيمينٽ جي في کان بچي سگهو ٿا پر وياج کان بچڻ لاءِ اهو طريقو ڪم نه ايندو.

جيڪڏهن اوهان دير سان ادائيگيون ڪندا رهيا ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ به استعمال ڪندا رهيا ته اوهان آهستي آهستي ڊيبٽ ٽرمپ ڏانهن ڌڪجي ويندا.

ان کان بچڻ جو واحد طريقو بل جي وقت تي ادائيگي آهي. پنهنجي ڪريڊٽ لمٽ هميشه پنهنجي ماهوار آمدني کان گهٽ رکو، ته جيئن ڪو مسئلو پيش اچي ته سولائي سان ان ڌٻڻ مان نڪري سگهو.

ڪريڊٽ ڪارڊ جو هڪ فائدو اهو به ٿي سگهي ٿو ته اوهان پنهنجا نه بينڪ جا پيسا استعمال ڪندا آهيو، ان سان اوهان ڪريڊٽ ڪارڊ تي ڪيش بيڪ ريوارڊز، اسپيشل رعايتون ۽ آفرز مان فائدو وٺي سگهو ٿا.

پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن اوهان بل وقت تي ڏئي ڪو وياج ادا نٿا ڪريو ته پوءِ بينڪ پيسا ڪيئن ڪمائي ٿي؟

اوهان جي ڪريڊٽ هسٽري سٺي هلي رهي آهي ته اوهان کي نيون نيون آڇون ڪيون وينديون آهن، اوهان ڪڏهن نه ڪڏهن ڪا نه ڪا آڇ قبول ڪري وٺندا آهيو ۽ پوءِ بعد ۾ رقم ادا ناهيو ڪري سگهندا، پوءِ اوهان کي اوهان جي بلز تي قسطون ڪرائڻ جو آپشن ڏنو ويندو آهي ۽ جڏهن اوهان قسطون ڪرائيندا آهيو ته بينڪ پراسيسنگ فيس چارج ڪندي آهي ۽سال کان وڌيڪ وقت جي قسطن تي وياج به ورتو ويندو آهي.

سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن اوهان آن لائن ادائيگي ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪريڊٽ ڪارڊ کان بهتر آپشن ڪو ٻيو ناهي……

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.