عمران خان ۽ شاهه محمود جي پروڊڪشن جي درخواست منظور، 20 اپريل تي پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي پروڊڪشن درخواست منظور ڪندي کين ويهه اپريل تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جڊيشل مئجسٽريٽ مريد عباس عمران خان ۽ ٻين خلاف پارليامينٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جو وڪيل نعيم پنجوٿا دليل ڏنا.
عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي پروڊڪشن آرڊر لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي جڏهن ته نعيم پنجوٿا دليل ڏيندي چيو ته اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ ڪنهن به عدالت جو حڪم نٿو مڃي، سپرنٽنڊنٽ کان حڪم تي عمل ڪرايو وڃي ۽ پي ٽي آءِ باني کي پيش ڪرڻ گهرجي، سيڪيورٽي جو بهانو آهي، وڊيو لنڪ تي به پي ٽي آءِ باني جي حاضري نٿو لڳرائي.
نعيم پنجوٿا جي دلين تي جڊيشل مئجسٽريٽ چيوته پي ٽي آءِ باني اڊيالا جيل ۾ آهي ۽ مختلف صورتحال آهي، وڊيو لنڪ جو آپشن ته موجود آهي پر حاضري اي ڪورٽ ۾ لڳندي آهي.
نعيم پنجوٿا چيو ته عدالت، پي ٽي آءِ باني کي عدالت جي ڪمري ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي، هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته وڊيو لنڪ تي سياسي اڳواڻ سان ملاقات ٿي سگهي ٿي، اڊيالا جيل ۾ انٽر هلي ٿي پر رڳو پي ٽي آءِ باني واري معاملي تي انٽرنيٽ نٿي هلي، جيل سپرنٽنڊنٽ پي ٽي آءِ باني کي وڊيو لنڪ تي آڻڻ کان ڪيٻائي رهيو آهي.
عدالت نعيم پنجوٿا جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي پروڊڪشن جي درخواست منظور ڪندي ٻنهي اڳواڻن کي 20 اپريل تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.