سفارش ڪيان رد ڪري ڇڏيو، هاڻ ميرٽ ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ٽيم ٺهندي: محسن نقوي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري جي سلسلي ۾ تربيتي ۽ فٽنس ڪئمپ لاءِ رانديگرن جي چونڊ تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي اختيارين سان تفصيلي مشاورت ٿي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هيڊ آفيس ۾ ڪئمپ لاءِ رانديگرن جي نالن تي غور ڪيو ويو جنهن ۾ محسن نقوي ميرٽ ۽ ڪارڪردگي تي رانديگر چونڊڻ جي هدايت ڪئي.
چيف سليڪٽر وهاب رياض پي سي بي چيئرمين کي پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ ڪارڪردگي ڏيکايندڙ رانديگرن بابت رپورٽ پيش ڪئي.
محسن نقوي چيو ته پاڪستان سپر ليگ ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندڙ رانديگرن کي ڪئمپ ۾ شامل ڪيو وڃي، ڪئمپ لاءِ رانديگرن جي چونڊ ۾ سندس سفارش به نه مڃي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته ميرٽ ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊيل رانديگر سٺو نتيجو ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.