سنڌ ۾ گرمي وڌڻ جو امڪان، موسميات کاتي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي سنڌ ۾ گرميءَ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي موجب، سنڌ بلوچستان جي ڏکڻ وارن ضلعن ۾ ڏينهن جو گرمي پد هوريان هوريان وڌڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ ۾ چويهه ڪلاڪن دوران آسمان صاف رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 24.4 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو .
موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 21 کان 23 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ۽ وڌ کان وڌڪ 33 کان 35 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا ۾ گهم جو تناسب 76 سيڪڙو آهي جڏهن ته 15 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي گرفتار سان هوائون گُهلي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.