محمود اسلم، نعمان اعجاز جي پيءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ کان ڇو انڪار ڪيو؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪار محمود اسلم چيو آهي ته کيس نعمان اعجاز جي والد جي ڪردار جي آڇ ڪئي وئي هئي جيڪا هن ٿڏي ڇڏي هئي.
ويجهڙ ۾ محمد اسلم خانگي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن موجودا دور جي ڊرامن بابت ويچار ونڊيا ۽ اداڪارن جي ڪاسٽنگ تي اعتراض ڪيو.
ميزبان اداڪار کان سوال ڪيو ته اوهان کي ڪيئن لڳندو آهي جڏهن اوهان کي اهڙن اداڪارن جي پيءُ جي ڪردار جي آڇ ٿيندي آهي جيڪي اوهان کان عمر ۾ رڳو ڪجهه سال ننڍا هوندا آهن؟
ميزبان جي سوال تي محمود اسلم انڪشاف ڪندي چيو ته نعمان اعجاز جي والد جو ڪردار آفر ڪيو ويو جڏهن ته نعمان اعجاز مون کان عمر ۾ ڪجهه سال ئي ننڍو آهي.
هن پروگرام جي ميزبان کي مزاحيه انداز ۾ چيو ته ڏسو اِها حالت آهي انڊسٽري جي اوهان کي هن معاملي تي ايڪشن وٺڻ گهرجي.
پروگرام ۾ موجود ساٿي ميزبان ۽ اداڪار اعجاز اسلم به محمود اسلم جي ڳالهه سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته اهڙي قسم جون آڇون اينديون آهن ته ان صورت ۾ قبول ڪندو آهيان جڏهن ته پيءُ جو ڪردار طاقتور ۽ متاثر ڪندڙ هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.