پاڪستان ٽيم جو هيڊ ڪوچ ڪير ؟ اهم نالا سامهون اچي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) هيڊ ڪوچ لاءِ ڏکڻ آفريڪا جي گيري ڪرسٽن يا آسٽريليا جي جسٽن لينگز جون خدمتون حاصل ڪرڻ بابت سنجيدگيءَ سان سوچي رهيو آهي.
گيري ڪرسٽن ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ ڪري چڪو آهي جڏهن ته لينگر ماضيءَ ۾ آسٽريلوي ٽيم جي ڪوچنگ ڪئي آهي.
پي سي بي جي ٽيم نئين ڪوچ لاءِ طويل مدتي معاهدي جو خواهشمدن آهي، بورڊ جلد کان جلد پاڪستان جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي.
گذريل سال ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي بدترين ڪارڪردگي کانپوءِ ڪوچ بريڊ برن کي برطرف ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ اڃا تائين ٽيم جو ڪو به هيڊ ڪوچ مقرر ناهي ٿي سگهيو.
اڳوڻي آل رائونڊر محمد حفيظ پاڪستان جي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دوري دوران ٽيم جي ڊائريڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ طور ذميواريون انجام ڏنيون هيون.
محمد حفيظ گذريل مهيني پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي جنهن کانپوءِ هاڻ پي سي بي مناسب متبادل جي ڳولا ۾ رڌل آهي.
شروعاتي طور تي پي سي بي هيڊ ڪوچ لاءِ اڳوڻي آسٽريلوي آل رائونڊر شين واٽسن سان رابطو ڪيو پر بورڊ ۽ واٽسن وچ ۾ معاملا بنا نتيجي ختم ٿي ويا هئا.
ان ڏس ۾ محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ميڊيا تي پهريان ئي ڪجهه افواهه گردش ڪرڻ لڳا هئا جنهن ۾ ڪابه سچائي نه هئي.
ڪرسٽن ۽ لينگر کانسواءِ پي سي بي مبينا طور مائيڪ هيسن، ميٿيو هيڊن، آئن مورگن ۽ فِل سيمنز کي هيڊ ڪوچ بڻائڻ بابت به غور ويچار ڪري رهيو آهي.
پي سي بي جو اڳوڻو چيئرمين ذڪاءَ اشرف جتي مقامي ڪوچز جي وڪالد ڪئي اتي محسن نقوي پرڏيهي ڪوچ کي ترجيح ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي پرڏيهي ڪوچز کي قائل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.