واٽس ايپ ۾ هڪ کان وڌيڪ پيغام پِن ڪرڻ وارو فيچر متعارف، استعمال ڪيئن ڪجي؟

واٽس ايپ طرفان چيٽس ۾ هڪ کان وڌيڪ پيغام پِن ڪرڻ وارو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
واضح رهي ته واٽس ايپ طرفان گذريل سال ڊسمبر ۾ پِن ميسجز وارو فيچر متعارف ڪرايو ويو هو، ان فيچرتحت ڪنهن به چيٽ ۾ هڪ پيغام کي پَن ڪرڻ ممڪن هو.
پر هاڻ فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي جنهن کانپوءِ واهپيدار ڪنهن به چيٽ ۾ ٽن پيغامن کي پَن ڪري سگهندا، جڏهن ته ميٽا جي چيف ايگزيڪٽيو مارڪ زڪربرگ واٽس ايپ چئنل تي نئين فيچر جو اعلان ڪيو .
ان ڏس ۾ واٽس ايپ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هاڻي واهپيدار ٽيڪسٽ سان گڏوگڏ هر قسم جا پيغام جهڙوڪ تصويرون، وڊيوز، وڊيوز نوٽس ۽ پولز کي به پِن ڪري سگهندا.
هي فيچر انفرادي چيٽس سان گڏوگڏ گروپ چيٽس ۾ به ڪم ڪندو.
پر گروپ چيٽس ۾ ايڊمن کي اختيار هوندو ته هو ميمبرن کي فيچر استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو يا نه.
هي فيچر واهپيدارن لاءِ ڪنهن اهم ڄاڻ تائين ترت رسائي لاءِ به لاڀائتو ثابت ٿئي ٿو ۽ کين چيٽ ۾ اسڪرول نٿو ڪرڻو پوي.
هتي اِها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته پيغامن کي مخصوص وقت تائين ئي پِن ڪري سگهجي ٿو.
جڏهن اوهان ڪنهن پيغام کي پَن ڪندئو ته اوهان 24 ڪلاڪ، ست ڏينهن ۽ هڪ مهيني جهڙن آپشنز مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي.
پيغام پِن ڪرڻ جو طريقو
ميسج پِن ڪرڻ جو طريقو بنهه سولو آهي، ان لاءِ چيٽ اندر جنهن پيغام کي پَڻ ڪرڻ چاهيو ٿا ان کي ڪجهه دير تائين دٻائي رکو ۽ پوءِ پِن آپشن سليڪٽ ڪريو.
ياد رهي ته پيغامن سان گڏوگڏ اوهان 3 چيٽس پڻ پِن ڪري سگهون ٿا، پِن چيٽ واٽس ايپ جي هوم فيڊ تي سڀ کان مٿي نظر ايندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.