آءِ ايم ايف جي شرطن موجب معيشت کي دستاويز شڪل ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) جي شرطن موجب معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، ٽئڪس نيٽ وڌائڻ لاءِ ڊيٽا ويئر هائوس جي تياري تي ڪم جاري آهي، نيشنل ڊيٽا ويئر هائوس جو مقصد ٽئڪس ڏيندڙن جا تفصيل جمع ڪرڻ آهي ۽ لاڳاپيل ڊيٽا کي استعمال ڪرڻ جو اختيار رڳو ايف بي آر وٽ هوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نادرا ۽ ڪمرشل بئنڪن سميت مختلف ادارن مان ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته نيشنل ڊيٽا ويئرهائوس جي تياري ۾ صوبن کان به مدد ورتي پئي وڃي، سمورن ادارن مان شهرين جي حاصل ڪيل ڊيٽا هڪ هنڌ گڏ ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.