زبردست هوا لاءِ پکي جي سائز ڪهڙي هجي ۽ ڪٿي لڳائجي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇت جا پکا سٺي وٺڻ لاءِ ڪجهه شين جو خيال رکڻ ضروري آهي.

مثال طور ڪمري جي سائز موجب صحيح سائيز جو پکو هڻڻ به ضروري آهي.

پکو عام طور تي 54-29 انچ جي سائز ۾ ملي ٿو جن مان 52 انچ وارا پکا گهڻا مقبول آهن.

جيڪڏهن ڪمري جي سائيز 75 اسڪوائر فٽ آهي ته 29-36 انچ سائز جو پکو ڪافي آهي.

اهڙي ريت ڪمري جي سائيز 76-144 اسڪوائر فٽ آهي ته 36 کان 42 انچ جو پکو ٺيڪ آهي.

ٻئي پاسي 144-225 اسڪوائر فٽ جي ڪمري لاءِ 44 انچ جو پکو ۽ 225-400 اسڪوائر فٽ جي ڪمري لاءِ 50-54 انچ جو پکو ڪافي آهي.

يعنيٰ پکي کي صحيح سائيز ۽ اوچائي تي لڳائي بهتر ڪولنگ حاصل ڪري سگهجي ٿي.

پکو ته هر ڪنهن جي گهر ۾ لڳل هوندو آهي.

ڪجهه ماڻهو جيڪي ڪولر، اي سي نٿا خريد ڪري سگهن، اهي گرمين ۾ به پکي مان ڪم هلائيندا آهن پر ڪيترائي ڀيرا اسان سڀني نوٽ يو هوندو ته سياري ۾ ڪيترائي ڏينهن پکو بند هجڻ جي ڪري جڏهن اسان ان کي گرمين ۾ هلائيندا آهيون ته ان جي رفتار گهٽ هوندي آهي.

گرمي ۾ پکو تيز نه هلڻ جي ڪري ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي آهي.

جيڪڏهن ان مسئلي جي ڪري گرمين ۾ سٺي هوا نه ملي ته ان جا به ڪي سبب ٿي سگهن ٿا.

هڪ سبب اهو آهي ته پکي جابليڊ ڌوڙ مٽي سان ڀرجي ويندا آهن ۽ پکا مان پيدا ٿيندڙ هوا گردش کي متاثر ڪندي آهي.

ٻئي پاسي ڪيپيسٽر کي تبديل ڪرڻ به ڏکيو ناهي.

اوهان پاڻ به ان کي تبديل ڪري سگهو ٿا.

پراڻي کي ڪڍندي وقت رڳو ان جي پوزيشن چيڪ ڪريو ۽ ان موجب ان کي تبديل ڪريو.

اهڙي ريت ڪيپيسٽر تبديل ڪرڻ سان پکي جي رفتار تيز ٿي ويندي ۽ هوا جي سرڪيوليشن سڄي ڪمري ۾ وڌي ويندي.

پکي جا پر صاف ڪرڻ کان اڳ پکي کي بند نه ڪرڻ نه وساريو.

پکي کي بند ڪرڻ بعد پکي جا پر خشڪ ڪپڙي ۽ پوءِ آلي ڪپڙي سان صاف ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.