ننڍي چونڊ لاءِ فهرست جاري، لاهور مان حماد اظهر ۽ مونس الاهي جا نامزدگي ڪاغذ رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ لاءِ لاهور مان قومي اسيمبليءَ جي هڪ ۽ صوبائي اسيبلي جي چئن سيٽن تي نامزدگي ڪاغذن بابت ڇنڊڇاڻ وارو عمل مڪمل ڪري ورتو.
اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ فهرست جاري ڪري ڇڏي جنهن موجب اين اي 119 تان پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن جڏهن ته پي پي 164 تان به حماد اظهر جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا.
ان کانسواءِ اين اي 119 تان علي پرويز ۽ شهزاد فاروق سميت 12 اميدوارن جا ڪاغذ منظور ڪيا ويا .
پ پ 158 تان مونس الاهي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا جڏهن ته پي پي 158 تان اختر حسين ۽ يوسف علي سميت 27 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن.
پي پي 149 تان شعيب صديقي ۽ احسن اڪرم سميت 20 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا.
پي پي 147 تان محمد خان مدني ۽ ماجد ظهور سميت 19 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا جڏهن ته 164 تان اختر حسين ۽ مرزا جاويد سميت 27 اميدوارن جا ڪاغذ منظور ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.