فوجي عدالتن خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون.
سپريم ڪورٽ ۾ 25 مارچ تي اپيلين تي ٻڌڻي ٿيندي، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ڇهه رڪني بئنچ معاملي تي ٻڌڻي ڪندي.
جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس عرفان سعادت بئنچ جو حصو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.