عماد وسيم ڪنهن به وقت رٽائرمينٽ جو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿو: ذريعا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آل رائونڊر عماد وسيم جي رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جا امڪان وڌي ويا.
ذريعن موجب، عماد وسيم گهرڀاتين ۽ دوستن سان صلاح مشوري کانپوءِ رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر وهاب رياض ۽ عماد وسيم ۾ رابطو ٿيو آهي ۽ ٻنهي رٽائرمينٽ واري معاملي تي ڳالهه ٻول ڪئي .
ذريعن موجب، عماد وسيم چيف سليڪٽر کان ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ان سان گڏ بهتر سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي به خاطري گهري آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عماد وسيم کي ورلڊ ڪپ تائين جي خاطري ملي ته رٽائرمينٽ واپس وٺي سگهي ٿو.
ياد رهي ته عماد وسيم گذريل سال نومبر ۾ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
عماد وسيم پاڪستان سپر ليگ جي پلي آف مرحلي جي ميچن ۽ فائنل ۾ غير معمولي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو جنهن کانپوءِ سندس نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ قومي ٽيم ۾ واپسي جون ڳالهيون هلي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.