ريڪوڊڪ رٿا بلوچستان ۽ علائقي جي ترقي لاءِ گيم چئينجر ثابت ٿيندي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ريڪوڊڪ رٿا بلوچستان ۽ علائقي جي ترقي لاءِ گيم چئينجر ثابت ٿيندي.
وزيراعظم سان بيرڪ گولڊ ڪمپني جي وفد سي ايِ او مارڪ برسٽوو جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران کيس ريڪوڊڪ رٿا جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ريڪوڊڪ رٿا جي فزيبيلٽي هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ڪئي ويندي.
بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪم ڪرڻ لاءِ بلوچستان جو ڊوميسائل رکندڙ ماڻهن کي ترجيح ڏني پئي وڃي ۽ بيرڪ گولڊ طرفان عورتن سميت هڪ سئو ڄڻن کي فني ٽريننگ پڻ ڏني وئي آهي.
وفد وڌيڪ ٻڌايو ته ڪمپني ڪارپوريٽ سوشل رسپانسبلٽي تحت ريڪوڊڪ جي ويجهو ٽي اسڪول به قائم ڪيا آهن.
ان موقعي تي گفتگو ڪندي وزيراعظ۾ چيو ته ريڪوڊڪ رٿا بلوچستان ۽ علائقي جي ترقي لاءِ گيم چئينجر ثابت ٿيندي، منصوبي سان صوبي جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ مواصلات ۾ انفراسٽراڪچر خاص طور ريلوي لائين جي حوالي سان رٿابندي ڪئي وڃي.
وزيراعظم بيرڪ گولڊ کي بلوچستان ۾ معدنيات جي ٻين رٿائن ۾ سيڙپڪاري جي صلاح ڏني ۽ خاطري ڪرائي ته حڪومت سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.
هن تجويز ڏني ته چاغي ضلعي ۾ ٽئڪنيڪل يونيورسٽي جي قيام جي حوالي سان حڪومت ۽ بيرڪ گولڊ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.