آءِ ايم ايف جو پيٽرول تي ليوي 60 رپيا ۽ جي ايس ٽي به بحال ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايم ايف حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته پيٽرول تي ليوي 60 رپيا ۽ پيٽرول تي مارچ 2022ع ۾ ختم ڪيل 18 سيڪڙو جي ايس ٽي به بحال ڪئي وڃي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته مقامي طور تي تيار ڪيل سگريٽن تي وفاقي ايڪسائيز ڊيوٽي جي هڪ ئي شرح لاڳو ڪئي وڃي، پوءِ کڻي مقامي هجي يا غير مقامي ۽ ماحول ۾ گدلاڻ پکيڙيندڙ مشينري تي پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي لڳائڻ جي تجويز ڏني آهي.
آءِ ايم ايف، ايف بي آر کي به چيو آهي ته ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ ڪارڊ ۽ جديد سامونڊي ٻيڙين تي ايڪسائيز ڊيوٽي وڌائيندي سرحدي ڪنٽرول کي وڌايو وڃي ته جيئن حساس علائقن مان تيل جي ضمني شين کي غير قانوني فراهمي کان بچائي سگهجي.
آءِ ايم ايف اي سگريٽ تي مقامي سگريٽ جي برابر ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني آهي، اهڙي طرف آءِ ايم ايف وچ مدي لاءِ چيو آهي ته هڪ ڀيرو آمدني وڌڻ لڳي ته ٻين ڪيترن ئي شين تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪئي وڃي.
آءِ ايم ايف پاران فراهم ڪيل پاليسي تجويزن کي پاڪستاني اختيارين سان ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ رپورٽ ۾ شامل ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته وڏين شين تي ايڪسائيز لاڳو ڪيو ويندو آهي، جن ۾ تماڪ، ڪاربي ڊرنڪس، موٽر ڪار، سيمينٽ، ٽيليڪميونيڪيشن سروسز، پيٽروليم ۽ قدرتي گئس جون شيون شامل آهن.
پيٽروليم شين تي ايڪسائيز جي حوالي سان فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي رقم مالي سال 2023ع ۾ جي ڊي پي جو ٻڙي ڏهائي 7 سيڪڙو هئي، ٻين شين تي ايڪسائيز جي ڊي پي ٻڙي ڏهائي 4 سيڪڙو هئي، جيڪا گهڻو ڪري سگريٽن تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي مان حاصل ٿي هئي.
پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي هاڻوڪي سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا تبديل ٿي آهي پر مالي سال 2023ع ۾ ان ۾ ڪافي اضافو ڪيو ويو، جولاءِ 2022ع ۾ پيٽرول تي پيٽروليم ليوي ڊولپمينٽ جي شرح 20 رپيا في لٽر هئي، نومبر 2022 کان 50 رپيا في لٽر ۽ سيپٽمبر 2023 تائين 60 رپيا في لٽر ڪئي وئي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين ۾ هڪ ٻي پاليسي تبديلي آندي وڃي ۽ اها ته مارچ 2022 ۾ سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني وئي هئي.
هتي اهو ياد رکڻ گهرجي ته سيلز ٽيڪس مان جمع ٿيندڙ آمدني اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن سان شيئر ڪئي ويندي آهي جڏهن ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي مڪمل طور تي وفاقي حڪومت وٽ رهندي آهي، آءِ ايم ايف موجب پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۾ وڏي واڌ باوجود 2019ع کان پيٽروليم شين تي آمدني ۾ گهٽتائي آئي آهي.
2019ع ۾ پيٽرول تي مجموعي ٽيڪس جي شرح 29 سيڪڙو هئي، جنهن ۾ پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۽ سيلز ٽيڪس 14 ڏهائي 5 سيڪڙو هوندي هئي، سيپٽمبر 2023 ۾ سيلز پرائس تي مجموعي ٽيڪس 19 ڏهائي 6 سيڪڙو هئي، پيٽرول تي نسبتا گهٽ ٽيڪس جي شرح پڻ سيلز جي قيمت ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ ختم ڪرڻ سان قيمتن ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيندو، جيڪا جنرل سيلز ٽيڪس جي معياري شرح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.