پ پ جو ڪي پي اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ ڪي پي اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته مخصوص سيٽن تي ڪامياب اميدوارن جو قسم روڪڻ لاءِ اسيمبليءَ جو اجلاس طلب نه ڪيو پيو وڃي،
ڪي پي اسيمبليءَ جو اجلاس طلب ڪرڻ لاءِ عدالت ۽ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو ويندو، ڪي پي حڪومت وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آهي،
ڪي پي جو وڏو وزير ٻاهر ڊائيلاگ هڻي اندر وزيراعظم کي منٿون ڪري ٿو، علي امين گنڊا پور سٺي ٻار وانگر وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.