ڪيش بئلنس بهتر آهي، حڪومت سمورو قرض وقت سر ادا ڪندي: ناڻي وزير

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪيش بئلنس بهتر آهي، حڪومت سمورو قرض وقت سر ادا ڪندي ۽ ادائيگين سبب پاڪستاني ڪرنسي تي دٻاءُ نه پوندو.
بلوم برگ رپورٽ موجب، ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان هلندڙ سال 3 سئو ملين ڊالرز پانڊا بانڊز جاري ڪندو ۽ اِهي بانڊز چيني مارڪيٽ ۾ جاري ڪيا ويندا.
هن چيو ته شروعاتي طور 250 کان 300 ملين ڊالرز جا بانڊز جاري ڪيا ويندا.
سندس چوڻ هو ته ڪيش بئلنس بهتر آهي، حڪومت سمورو قرض وقت سر ادا ڪندي ۽ ادائيگين سبب پاڪستاني ڪرنسي تي دٻاءُ نه پوندو.
ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته اميد آهي ته رپئي جو مُلهه مستحڪم رهندو ۽ ايندڙ مالي سال دوران ترقي جي شرح بهتر رهندي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان گهٽ ۾ گهٽ ٽن سالن لاءِ آءِ ايم ايف جو پروگرام وٺندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.