هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري بابت ڪميٽي قائم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ايئرپورٽ آئوٽ سورسنگ ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ( پي آءِ اي ) کي خانگائڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
دفاع ۽ هوابازي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، ڪميٽي ايئرپورٽ مئنيجمينٽ جي آئوٽ سورسنگ جو جائزو وٺندي ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري بابت معاملن جي نگراني ڪندي.
نوٽيفڪيشن ڄاڻايو ويو آهي ته پرڏيهي وزير، نجڪاري وارو وزير، نجڪاري معاملن بابت سيڪريٽري، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ۽ سيڪريٽري هوابازي ڊويزن کي ڪميٽي جو حصو بڻايو ويو آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وقافي ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم پي آءِ اي جي نجڪاري وارو عمل وڌيڪ تيز ڪرڻ، شفافيت يقيني بڻائڻ ۽ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ بابت ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.