اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي جو فيصلو ڪالعدم قرار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جسٽس شوڪت عزيز صديقي جو سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو برطرفي وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جسٽس امين الدين ، جسٽس جمال مندو خيل،جسٽس حسن رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت تي ٻڌل 5 رڪني لارجر بئنچ شوڪت صديقي جي آئيني درخواستن تي23 جنوري 2024 تي مڪمل ڪئي هئي.
عدالت هاڻي ڪيس جو 22 صفحن تي تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ،جيڪو چيف جسٽس پاڪستان فائز عيسيٰ جاري ڪيو .
سپريم ڪورٽ طرفان جاري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل طرفان شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي ٿو.
جڏهن ته 11 آڪٽوبر 2018 تي وزيراعظم جي سفارش تي صدر ان جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ان کي به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي کي بحال نه ٿو ڪري سگهجي،ان کي رٽائرڊ جج تصور ڪيو وڃي،
شوڪت صديقي رٽائرڊ جج اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ سموريون مراعتون ۽ پينشن جو حقدار هوندو، ان کي پينشن سميت سموريون مراعتون ملنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.