ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آمريڪي قونصل جنرل مسٽر ڪونراڊ ٽريبل ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ يو ايس ايڊ مشن جي ڊائريڪٽر ڪيٽ سومونگسيري به شريڪ هئي.
وڏي وزير چيو ته يو ايس ايڊ سنڌ ۾ تعليم جي شعبي ۾ ڪجهه نوان منصوبا آڻي، مشن ڊائريڪٽر چيو ته يو ايس ايڊ موسمياتي تبديلي جو منصوبو تعليم لاءِ آڻڻ چاهي پئي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ سبب وڏي انگ ۾ اسڪولي عمارتون متاثر ٿيون آهن، چاهيون ٿا ته يو ايس ايڊ اسڪولي عمارتن جي تعمير ۾ سهڪار ڪري.
يو ايس مشن جي ڊائريڪٽر پاران اسڪولي عمارتن جي بحالي لاءِ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي.
يو ايس ايڊ پاڪستان جي سربراهه پاران وڏي وزير جي تعليم شعبي ۾ دلچسپي جي واکاڻ ڪئي وئي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 21 لک گھر متاثر ٿيا آهن، پنج هزار گھرن جي تعمير لاءِ فنڊز جاري ٿي چڪا آهن، هڪ هزار گھرن جي تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي
يو ايس ايڊ سربراهه چيو ته مدر چائلڊ نيوٽريشن تي سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ چاهيون پيا.
وڏي وزير چيو ته حڪومت سوشل پروٽيڪشن کاتو قائم ڪيو آهي، سماجي ڀلائيءَ واري کاتي خوراڪ جي کوٽ جي منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
اجلاس ۾ يو ايس ايڊ ۽ پي اينڊ ڊي کاتي جو ڌار اجلاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس جي ايجنڊا ۾ ٻوڏ متاثر اسڪولن جي تعمير ۽ غذائي کوٽ جي منصوبن تي بحث ٿيندو.
وڏي وزير صوبائي حڪومت سان سهڪار تي يو ايس ايڊ جا ٿورا مڃيا.
ٻوڏ سبب اسڪولي عمارتون متاثر ٿيون، چاهيون ٿا ته يو ايس ايڊ تعمير ۾ سهڪار: وڏو وزير
You might also like