ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملو، ٻه جوان شهيد

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب 21 مارچ تي آپگهاتي بمبار گاڏي فورسز جي قافلي سان ٽڪرائي.
حادثي ۾ 38 سالن جو نائب صوبيدار ياسر شڪيل ۽ 34 سالن جو سپاهي طاهر نويد شهيد ٿي ويا، ٻنهي سپاهين جو واسطو ڪوهاٽ سان هو.
آءِ ايس پي آر موجب بزدلاڻي حملي جي ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويندو، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.
آءِ ايس پي آر چيو ته اسان جي بهادر سپاهين جون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.