پ پ چيئرمين پاران ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملي جي مذمت ڪئي آهي.
سندس چوڻ آهي ته تشدد جي بزدلاڻي حرڪت ذريعي اسان جي سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو ويو، شهيد نائب صوبيدار ياسر شڪيل ۽ سپاهي طاهر نويد وطن لاءِ جانيون قربان ڪيون.
پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قوم جي دفاع ۾ شهيد جوانن جي بهادري کي هميشه احترام سان ياد رکيو ويندو، پاڪستان پيپلزپارٽي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي پنهنجي عزم ۾ قوم سان گڏ آهي.
پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيدن جي پونئرن سان تعزيت ۽ ايڪي جو اظهار ڪيو..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.