علي امين گنڊاپور ٻاهر ڊائلاگ هڻندو آهي ۽ اندر وڃي منٿون ڪندو آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته سينيٽ چونڊن کان پوءِ حڪومت سازي جو عمل مڪمل ٿي ويندو، حڪومت جي ڪوشش آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته اپوزيشن جماعتون عدالتن سان رابطو ڪري رهيون آهن، مخصوص سيٽن تي حلف برداري لاءِ ڪي پي اسيمبلي جو اجلاس نه پيو گھرايو وڃي، ڪي پي اسيمبلي جو اجلاس گھرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيون پيا
هن چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت وائڙائپ جو شڪار آهي، غيرقانوني ۽ غير آئيني حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، صوبي ۽ مرڪز وچ ۾ سٺا لاڳاپا هجڻ گھرجن
سندس چوڻ هو ته ڪي پي اسيمبلي جو اجلاس گھرائي بجيٽ پيش ڪئي وڃي، ڪي پي اسيمبلي جو اسپيڪر ٽائيگر فورس جو نمائندو بڻجڻ جي ڪوشش پيو ڪري، اسپيڪر مخصوص سيٽن تي ڪامياب ميمبرن کان حلف وٺي، حلف نه ورتو ويندو ته ٻين صوبن ۾ جيڪو ٿئي ته پوءِ سني اتحاد ڪائونسل وارا شڪايت نه ڪن.
پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته علي امين گنڊاپور ٻاهر ڊائلاگ هڻندو آهي ۽ اندر وڃي منٿون ڪندو آهي، علي امين گنڊاپور اندر وڃي وزيراعظم کي ميڙ منٿ ڪندو آهي…
هن چيو ته افغانستان ۾ ڪارروائي ٿي ته پي ٽي آءِ سڀ کان پهريان مذمت ڪئي، ڇا پي ٽي آءِ ڪڏهن افغانستان مان پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي به مذمت ڪئي آهي؟ سمورين سياسي جماعتن کي گڏجي چونڊ سڌارا ڪرڻا پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.