سائفر ڪوڙ هو ته پي ٽي آءِ باني کي سزا ڇو ڏني وئي : علي امين گنڊاپور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پاڻ فارم 47 وارو آهي هن سان چونڊ نتيجن واري معاملي تي ڇا ڳالهايان.
اسلام آباد جي عدالت ۾ ضمانت لاءِ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊا پور چيو ته سائفر سازش هئي هو هاڻي به پنهنجي بيان تي بيٺل آهن، غيرتمند پاڪستاني جي گهر ۾ مداخلت به هجي ته اها سازش آهي.
سندس چوڻ هو ته سائفر بابت ڊونلڊ جي بيان جي پاڪستاني سفير اسد مجيد تصديق ڪئي هئي، اسد مجيد کي گهرائي پڇا ڪئي وڃي ته ڳالهيون ناهن ٿيون ته سائفر ڪنهن اماڻيو، ڊونلڊ لو جيڪڏهن سچ ڳالهائي رهيو آهي ته سائفر ڇا هو؟.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور چيو ته جيڪڏهن سائفر نه هو ته تحريڪ انصاف باني کي سزا ڇو ڏني وئي، ملڪ اندر ڪنهن جي مداخلت برداشت نه ڪندا، ملڪ سان جيڪو تجربو ڪيو ويو ان سان عوام کي نقصان ٿيو.
هن چيو ته تحريڪ انصاف باني ڪڏهن ڊيل نه ڪندو، هن هميشه چيو آهي ته ته پاڪستان لاءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته خيبرپختونخوا ۾ عوام جا مسئلا حل ڪري رهيا آهن، وفاق کي پيسا ڏيڻا آهن، هي ڪي پي جو حق آهي.
علي امين گنڊاپور چيو ته ووٽ چوري ڪري حڪومت ٺهي، عوام ووٽ نه ڏيا، اليڪشن ۾ تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ٿي، پي ٽي آءِ جون 180 سيٽون چوري ٿيون، عوام جي سپورٽ حڪومت سان گڏ ناهي هي ڇا ڊليور ڪندا.
وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران فارم 45 ۽ 47 بابت ٿيل ڳالهين تي سوال تي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور چيو ته وزيراعظم پاڻ فارم 47 وارو آهي، هو ان سان ڇا ڳالهيون ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.