عمران خان سياست بچائڻ لاءِ سائفر جو ڪوڙو ڊرامو رچايو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ ڪابينا ۾ شامل سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سائفر ڊرامو هو، عمران خان سياست کي بچائڻ لاءِ ڪوڙو بيان ڏنو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نه رڳو ڊونلڊ لو پر اسد مجيد به عمران خان جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو، عمران خان سياست بچائڻ لاءِ آمريڪا ۾ لابسٽن کي ڀرتي ڪيو ۽ پاڪستان جو چهرو مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.هن چيو ته ڊونلڊ لو جي تقرير دوران پي ٽي آءِ جي نعري بازي پوري دنيا ۾ پاڪستان لاءِ ٺٺول بڻجي ، فلسطينين جي نسل ڪشي جي حمايت ڪندڙ ڪانگريس ميمبر به عمران خان جو حامي آهي.اليڪشن 2018 ۾ اصل ڌانڌلي اها هئي ته پيپلزپارٽي جا ڪيترا ٽڪرا ڪٽي پي ٽي آءِ کي کارايا وڃن.هن چيو ته 2018ع ۾ مضبوط اميدوارن کي ٽڪيٽون واپس ڪري آزاد اميدوار بڻجڻ تي مجبور ڪيو ويو ، 2013ع ۽ 2018ع ۾ پ پ خلاف ڌانڌلي جي شرح 50 سيڪڙو هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.