اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ مونال ريسٽورنٽ ۽ نيشنل پارڪ جي ٻين ريسٽورنٽ جا تفصيل طلب ڪري ورتا. سپريم ڪورٽ مونال ۽ ريسٽورنٽ ويٽرنري اينڊ فارمز ڊائريڪٽوريٽ (آر ايف وي ڊي) وچ ۾ معاهدي جا تفصيل طلب ڪري ورتا، اصل دستاويز، ليز جي رقم، اڪائونٽ بيلنس ۽ نيشنل پارڪ ۾ ٻين ريسٽورنٽ جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ مونال ريسٽورنٽ جي ليز تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، وڪيل مخدوم علي، وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ پيش ٿيا. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ملٽري اسٽيٽ ڊائريڪٽوريٽ مان ڪير آيو آهي؟ ملٽري اسٽيٽ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت مونال ريسٽورنٽ ۽ نيشنل پارڪ جي ٻين ريسٽورنٽ جا تفصيل طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس چيو ته سڀ ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ آيا آهن يا ڪو سچ ڳالهائيندو، بريفنگ ۾ رڪارڊ فوري پيش ڪيو وڃي نه ته توهين عدالت جو نوٽيس ڏينداسين.