گهر ۾ ڪڪڙيون رکڻ خلاف درخواست تي ڌرين کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ گهر ۾ ڪڪڙيون رکڻ خلاف درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو، عدالت درخواستگذار کان درخواست ٻڌڻ جي قابل هجڻ بابت دليل طلب ڪري ورتا، عدالت ڪنٽونمينٽ بورڊ ڪلفٽن، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ ٻين کان 23 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو، لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار دعويٰ ڪئي ته هوءَ ڊي ايڇ اي فيز ون جي رهواسڻ آهي، پاڙيسري ڪڪڙيون ۽ ٻيا  پکي پالي ٿو، جنهن سان گوڙ ۽ آلودگي پيدا ٿئي ٿي،  عدالت چيو ته درخواستگذار ۽ ٻين پاڙيسرين کي ان حوالي سان مسئلن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، ڪنٽونمينٽ ايڪٽ جي سيڪشن 181 ۽ 283 ۾ عوامي پريشانين متعلق زڪر آهي، ڄاڻايل سيڪشن ۾ چڙيا گهر/راڻي باغ ۽  جانورن کي وڏي پيماني تي رکڻ جو ذڪر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.