انور مقصود گهڻي وقت کان منظر تان غائب

لاهور(عوامي آواز نيوز) ملڪ جو ناليواري ليکڪ، صحافي ۽ مزاح نگار انور مقصود گذريل ڪيتري ئي وقت کان منظر عام تان غائب آھي. جنھن متعلق ڪيترا ئي افواهه ٻڌڻ ۾ اچي رھيا آھن، ڪجھه ماڻھن جو چوڻ آھي ته انور مقصود کي طاقتور ڌرين تشدد جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ کيس خاموش نه رھڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون، جنھن سبب ھو گھڻي وقت کان پرنٽ توڙياليڪٽرنڪ ميڊيا تان غائب آھي، جڏھن ته ڪجھه ماڻھن جو چوڻ آھي ته انور مقصود کي پنھنجي ويجھن دوستن چپ رھڻ جو مشورو ڏنو آھي، جنھن سبب ھو خاموشي اختيار ڪري ويٺو آھي. انور مقصود خانگي ٽي وي چينل اي آر وائي ۾ ڊائريڪٽر جي عھدي تي پنھنجا فرائض سرانجام ڏئي رھيو آھي. جنھن بابت ملڪ ۾ ھڪ سياسي جماعت جي ڌر ھجڻ جو تاثر پڻ قائم ٿيل آھي. ياد رھي ته انور مقصود مرحوم معين اختر سان گڏ ھڪ جڳ مشھور پروگرام ڪندو ھو، جنھن ۾ فوج، اسٽيبلشمينٽ سميت ٻين ادارن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو ھو.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز خميس 14 مارچ 2024 تي شايع ٿي 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.