اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جا يورپي يونين سان ويجها لاڳاپا آهن ۽ جي ايس پي پلس جو تجارت ۾ انتهائي اهم ڪردار آهي.
هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته 20 مارچ تي آمريڪي ڪانگريس جي سب ڪميٽي جي اجلاس بابت ڄاڻ آهي پر اتي گرفتار ماڻهن جي پاڪستاني شهريت بابت ڪا به اپ ڊيٽ نه آهي.
ڀارت طرفان ويجهڙ ۾ پاس ڪيل تڪراري شهريت ترميمي ايڪٽ بابت سوال تي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت ٻين ملڪن جي شهرين بدران پنهنجي اقليتن کي تحفظ ڏئي.
اسرائيل فلسطين ويڙهه بابت خيالن جو اظهار ڪندي ممتاز زهرا چيو ته پاڪستان او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ فلسطين جي صورتحال بابت پنهنجو موقف پيش ڪيو هو، پاڪستان سمجهي ٿو ته فلسطين تي مڙهيل جنگ بند ٿيڻ گهرجي.
ڀارت جي ميزائل تجربي جي حوالي سان ترجمان چيو ته پاڪستان يارنهن مارچ تي ڀارتي ميزائل تجربي جو نوٽيس ورتو، ڀارت پاڪستان کي تجربي بابت معاهدي تحت آگاهه ڪيو هو، ڀارت معاهدي تحت ٽن ڏينهن جو انتظار نه ڪيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ايراني اختيارين ٽن پاڪستانين کي بحفاظت بازياب ڪرايو، پاڪستاني شهرين جي بازيابي لاءِ ايران سان رابطي ۾ آهيون.
پاڪ افغان صورتحال تي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان جا افغانستان سان ويجهن رابطن ۾ آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطي جا ڪيئي چئلينجز موجود آهن، افغانستان سان دهشتگردي سميت ٻين معاملن تي ڳالهه ٻول ٿيندي رهندي آهي.
دي آهي.
يورپي يونين سان ويجها لاڳاپا آهن، جي ايس پي پلس واپار لاءِ انتهائي اهم آهي: پاڪستان
Prev Post
پاڪستان ۾ سريلنڪا جهڙي صورتحال شروع ٿيڻ واري آهي، مهانگائي سبب عوام روڊن تي نڪرندو: عمران خان
Next Post
You might also like