اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اسد طور ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو ته يا ته بنيادي حقن کي زندهه رکو يا ڪتابن ۾ سجائي رکو،اهو ڪيس به دفن ٿي ويو ۽ ان سان گڏ بنيادي حق به دفن ٿي ويا، اڳوڻي چيف جسٽس جيڪڏهن اهو ڪيس ٻڌڻي لاءِ رکيو هو ته ڇو نه هليو،اسان ڪيستائين ماضي جي غلطين کي ورجائينداسين،اسان ته غلطي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر هتي ته معافي گهرڻ ته پري جي ڳالهه ڪو غلطي مڃڻ لاءِ به تيار ناهي،هتي ته فائدي لاءِ موقعو ڏٺو ويندو آهي،اهو ڪيس نه لڳڻ تي اسان گناهگار آهيون، مون کان غلطي ٿي ته تنقيد ٿيڻ گهرجي، تنقيد سان ئي منهنجي اصلاح ٿيندي، مون کي پنهنجون غلطيون تسليم ڪرڻ گهرجن، اسدطور تي تشدد ۾ ملوث اڻ ڄاتل ماڻهو ئي ملوث هوندا،صحافي عبدالقيوم صديقي چيو ته ابصار عالم کي گولي هنئي وئي، مطيع الله جان کي کنڀيو ويو، اسان اڳوڻي چيف جسٽس گلزار احمد سان ان ڪيس ۾ ملاقات لاءِ وقت گهريو پر ملاقات ڪرڻ نه ڏني وئي، ان کان پوءِ اسد طورسان واقعو ٿيو، عمران شفقت ۽ عامر مير کي به کنڀيو ويو، صحافي اسد طور چيو ته مان انهن جون شڪليون سڃاڻي سگهان ٿو، پوليس وارن رڳو فنگر پرنٽ ورتا پر نادرا وارن جوابدارن جي سڃاڻپ ٿيڻ کان انڪار ڪيو، هن چيو ته پوليس منهنجي گهر تي جيوفيننسنگ نه ڪئي، حملي آورن جو تعلق آءِ ايس آءِ سان هو، اڄ تائين عدالت ۾ انهن پاران ڪو بيان ڏيڻ نه آيو، چيف جسٽس چيو ته هڪ شخص چوي ٿو ته مان فلاڻي اداري سان آهيان ٿي سگهي ٿو هو ڪوڙ ڳالهائيندو هجي ٿي سگهي ٿو سچو هجي گهٽ ۾ گهٽ جاچ ته ٿيڻ گهرجي ها
نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز خميس 14 مارچ 2024 تي شايع ٿي