سن/مانجهند (رپورٽ: ساگر سولنگي/ بابو عمراڻي) مانجھند تعلقي جي 10 ڳوٺن ۾ پيئن جي پاڻي جو شديد بحران، ايس يو پي جو انڊس هاءِ وي روڊ تي شاميانه هڻي ڌرڻو، مسافرن سان چڪريون ، مانجھند تعلقي جي يوسي خاڻوٺ جي 10 کان وڌيڪ ڳوٺن جن ۾ منظور آباد ، مريد رند ، ڀورو رند، زيمي، خاڻوٺ، فقيرداد کوسو، حيبيب الله موڙ ۾ اڌ صدي کان پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران آهي پاڻي نه هجڻ سبب ڳوٺن جا رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، پيئڻ پاڻي جي کوٽ خلاف ايس يو پي منظورآباد جي سڏ تي، ملوڪ ٿيٻو ، مدد علي سولنگي جي اڳواڻي ۾ منظورآباد وٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي شاميانه هڻي ڌرڻو هنيو ويو، ايس يو جي ڌرڻي ۾ ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر سيد منير حيدر شاھ ، ليڊيز ونگ اڳواڻ ياسمين ٿيٻو ، عبدالطيف پنهور، خدا بخش ٿيٻو ، ايس ٽي پي اڳواڻ غلام مصطفيٰ کوسو، سميت علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن سوشل ورڪرن وڪيلن سميت هر مڪتب و فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڌرڻي سبب ڄامشورو سيوهڻ انڊس هاءِ وي روڊ مسلسل 8 ڪلاڪ بند هجڻ سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين گاڏين جون قطارو لڳي ويون، هزارين مسافر ۽ روزيدارن کي پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن وقت تي نه پهچڻ سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئڻو پڻ پئجي ويو ، جڏهن ته مسافرن ۽ مظاهرين وچ ۾ وقفي وقفي سان چڪريون پڻ ٿينديون رهيون، مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر مانجھند محمد علي خاصخيلي پهتو ته مظاهرين اي سي مانجهند جي هڪ به نه ٻڌي ۽ ڪوڙو ڪوڙو ۽ نااهلي جي هوٽنگ ڪري ايس سي مانجھند کي مظاهرين ڊوڙائي ڀڄائي ڇڏيو، ڌرڻي واري هنڌ پاڪ آرمي جون گاڏيون به پهتيون ۽ زبردستي منزل طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر مظاهرين آرمي جي گاڏين اڳيان ليٽي پيا انهن کي وڃڻ نه ڏنو، ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي ايس يو پي جي نائب صدر سيد منير حيدر شاهه خطاب ڪندي چيو ته عوام جي سوين گاڏين کي وڃڻ ڏينداسين پر ادارن جي گاڏين کي وڃڻ نه ڏينداسين، هن تڪ جا حڪمران ڀولڙا آهن جيڪي اليڪشن دروان بل هڻي علائقي جي غريب مسڪين ماڻهن کي گمراھ ڪري ڪامياب ٿي ويندا آهن جنهن کان پوءِ علائقي واسين جا مسئلا حل ڪرڻ انهن کي بيناد سهولتن جي صورت ۾ حق ڏيڻ بدران عياشيون ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهن، انهن نااهلي حڪمرانن جي غلط فيصلن ۽ پاليسن جي ڪري منظور آباد سميت مانجھند تعلقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي، اسان عوام کي بنياد حق پيئڻ جو پاڻي ڏيارڻ جي لاءِ روڊ تي ويٺا آهيون، هن چيو ته ادارا اسان جا نوڪر آهن، سندن مقابلي ۾ عوام وڌيڪ احترام لائق آهي، ادارن جون گاڏيون نه ڇڏيندس، ايس يو پي ليڊيز ونگ اڳواڻ ميمبر ضلع ڪائونسل ياسمين ٿيٻي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته 5 مارچ تي ٿيل ضلعي ڪائونسل جي اجلاس ۾ مون جڏهن پاڻي جي لاءِ آواز اٿاريون ته ضلعي چيئرمين ڏرمرجي پيو ۽ چوي پيو ته اسڪيم کي هلڻ جي لاءِ اڃان ٻه سال لڳندا ، ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين سهيل شوري کي اها به ڄاڻ ناهي ته پاڻي جي اسڪيم هلڻ ۾ ڪيترو ٽائيم لڳندو، چيئرمين جي هٿ وس ڪجھ بهناهي، هو هڪ ڪٺ پتلي آهي، هن چيو ته اسان 4 مهينا اڳ پاڻي جي لاءِ ڌرڻو هنيو ته اي سي مانجھند محمد علي خاصخيلي اسان سان واعدا ڪري ويو پر ان اسان جا مسئلا حل نه ڪيا ڌرڻي کي ايس يو پي اڳواڻ خدا بخش ٿيٻو، مدد علي سولنگي ، ملوڪ ٿيٻو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گذريل 35 سالن کان اسان جي 10 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي ناهي ، منظور آباد انهن جي ڀرپاسي جي ڳوٺن کي 1971 کان پاڻي نه پيو ملي، هنن چيو ته اسان جي ڳوٺن کي پيئڻ جو پاڻي ڏئي پريشانين کان بچايو وڃي ، ٻي صورت ۾ مظاهرن جو سلسلو جاري رهندو.