عوامي تحريڪ طرفان ارسا ايڪٽ ۾ ترميمي آرڊيننس خلاف اڄ احتجاج جو اعلان

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر حورالنساءَ پليجو، مرڪزي اڳواڻ رسول بخش  خاصخيلي، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ ديال صحرائي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي جياپي جو واحد وسيلو سنڌو درياءُ آھي، پنجاب جو حُڪمران ٽولو سنڌو درياءُ جو پاڻي ڊيمن ۽ ڪئنالن وسيلي کڻي درياءُ کي قتل ڪري رهيو آهي. درياءُ سڪائي سنڌي عوام جي نسل ڪُشي ڪئي پئي وڃي. نگران سرڪار ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم ڪري سمورا اختيار وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي حُڪمران ٽولي حوالي ڪري ڇڏيا آھن. اليڪشن کان پوءِ نئين ايندڙ حُڪومت کي نگران سرڪار جا سمورا غير آئيني ۽ غير قانوني فيصلا رد ڪرڻ کپن ھا پر وزيراعظم شھباز شريف ڪالاباغ ڊيم جي حمايتي ظفر محمود کي ارسا جو غيرآئيني چيئر مين مقرر ڪري مظلوم قومن ۽ خاص ڪري سنڌ سان سخت ناانصافي ڪئي آهي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي سنڌو درياءُ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، پيپلزپارٽي جيڪا وفاقي حُڪومت ۾ اتحادي آھي ان جي سھولتڪاري ۾ سڀ سنڌ دشمن فيصلا ڪيا پيا وڃن. نئين ارسا چيئرمين جي مقرري ملڪي آئين جي لتاڙ آهي. وفاقي حڪومت قومن جي حقن مٿان راتاهو هڻڻ بند ڪري. نواز ليگ حڪومت پيپلز پارٽي جي سهڪار سان ارسا ۾ وفاق جو چيئرمين مقرر ڪري،  سنڌ کي سڪائي سنڌين جي معاشي ٽارگيٽ ڪلنگ  ۽ نسل ڪُشي ڪري رهي آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي رپورٽن موجب انڊس ڊيلٽا جو 90 سيڪڙو علائقو آخري پساهن ۾ آهي. انڊس ڊيلٽا مڪمل طور تباھ ڪئي وئي آهي. انڊس ڊيلٽا جي ختم ٿيڻ سان موسمي تبديلين سنڌ کي سخت نقصان رسايو آهي. تمر جي ٻيلن جي غير قانوني ڪٽائي ڪري ماحول کي نقصان پهچايو ويو آهي، جڏهن ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميمي آرڊيننس خلاف اڄ تي احتجاج جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي، چيو ويو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم ڪري سمورا اختيار وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي حُڪمران ٽولي حوالي ڪرڻ ۽  ڪالاباغ ڊيم جي حمايتي ظفر محمود کي ارسا جو غيرآئيني چيئر مين مقرر ڪري سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻڻ خلاف عوامي تحريڪ طرفان اڄ صبح جو 11 وڳي حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.