آصف حيدر شاهه هڪ ڀيرو وري سنڌ جو چيف سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي ( ويبب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت 22 گريڊ جي آفيسر سيد آصف حيدر شاهه کي سنڌ جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
آصف حيدر شاهه جي چيف سيڪريٽري طور مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم کي تبديل ڪري سندس جاءِ تي آصف حيدر شاهه کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
ان کان اڳ سيد آصف حيدر شاهه موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي سيڪريٽري طور مقرر هو.
ترجمان موجب، آصف حيدر شاهه وٽ غير معمولي انتظامي صلاحيتون آهن ۽ عوامي خدمت جي فراهمي لاءِ هڪ فعال طريقو آهي.
واضح رهي ته آصف حيدر شاهه وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ڀيڻيو آهي، هو ان کان اڳ به سنڌ جو چيف سيڪريٽري رهي چڪو آهي جڏهن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪمشنر طور فرض انجام ڏئي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.